تازه ترين

قازقستان ۾ پاڪستان، ترڪي ۽ آذربائيجان وچ ۾ ٽه ڌري ڳالهين جو دور

- Advertisement -
قازقستان ۾ پاڪستان، ترڪي ۽ آذربائيجان وچ ۾ ٽه ڌري ڳالهين جو دور ٿيو. وزيراعظم شهبازشريف ترڪ صدر رجب طيب اردگان ۽ آذربائيجان جي صدر الهام علي يوف سان گڏ ٽه ڌري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. دنيا جي ٽن اهم ملڪن وچ ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، ان کان  ٽنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ڳالهين جو دور ٿي چڪو آهي. اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي امن ۽ خوشحالي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شهبازشريف جو چوڻ هو ته پاڪستان، ترڪي ۽ آذربائيجان سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو. شهبازشريف ٽنهي ملڪن وچ ۾ معيشت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ تي زور ڀريو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان، ترڪي ۽ آذربائيجان سان گڏ معيشت، توانائي، سياست، موسميات، ثقافت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٽه ڌري سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي يقين رکي ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24 ° C
24 °
24 °
13 %
0.6kmh
4 %
اڱارو
25 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون