- Advertisement -
بلوچستان جي ضلعي واشڪ ۾ مسافر ڪوچ کاهي ۾ ڪرڻ سبب 28 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
بس گوادر کان ڪوئيٽا وڃي رهي هئي ته ٽائر ڦاٽڻ سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري کاهي ۾ ڪري پئي.
حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 28 مسافر فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي ليويز ۽ ريسيڪو ٽيم حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي مقامي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
ليويز عملدارن جو چوڻ آهي ته مسافر ڪوچ گوادر کان ڪوئيٽا وڃي رهي هئي ته ضلعي واشڪ جي علائقي ڪلغلي ۾ ٽائر ڦاٽڻ سبب حادثي جو شڪار ٿي وئي.
ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ 22 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن، جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جنهن سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي.- Advertisement -
