- Advertisement -
بلوچستان جي علائقي وِندر ڀرسان روڊ حادثي ۾ 5 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا.
بريده ڪيمپ ڀرسان ٽرڪ ۽ هاءِ روف گاڏيءَ ۾ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجيءَ ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 4 زخمي پيا.
امدادي ٽيمن حادثي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.
وندر پوليس موجب حادثي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، جن مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
پوليس موجب حادثي کانپوءِ فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو ويو آهي- Advertisement -
