تازه ترين

بلوچستان جي علائقي ڍاڍر ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم جا 3 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
بلوچستان جي علائقي ڍاڍر ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم جا 3 دهشتگرد مارجي ويا آهن. ايس ايس پي ڪڇي بولان ڪيپٽن رٽائرڊ دوست محمد بگٽي جو چوڻ آهي ته دوپاسي پل ويجهو سي ٽي ڊي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران پابندي مڙهيل تنظيم جا 3 دهشتگرد مارجي ويا. هن چيو ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان ست ڪلو ڌماڪيدار مواد، موٽرسائيڪل، 2 نائن ايم ايم پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون. ايس ايس پي ڪڇي بولان ڪيپٽن رٽائرڊ دوست محمد بگٽي چيو ته پابندي مڙهيل تنظيم جا دهشتگرد، دهشتگردي جي رٿابندي ڪري رهيا هئا ته سي ٽي ڊي سان مقابلو ٿيو. سندس چوڻ هو ته دهشتگردن جي سڃاڻپ لاءِ فنگر پرنٽ لاڳاپيل اداري کي اماڻيا ويندا، ٽنهي دهشتگردن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. ايس ايس پي ڪڇي بولان ڪيپٽن رٽائرڊ دوست محمد بگٽي چيو ته دهشتگردن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد سول اسپتال ڪوئيٽا جي سردي خاني منتقل ڪيا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
28 ° C
28 °
28 °
37 %
2.7kmh
29 %
اربع
28 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون