- Advertisement -
بلوچستان جي علائقي ڍاڍر ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم جا 3 دهشتگرد مارجي ويا آهن.
ايس ايس پي ڪڇي بولان ڪيپٽن رٽائرڊ دوست محمد بگٽي جو چوڻ آهي ته دوپاسي پل ويجهو سي ٽي ڊي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران پابندي مڙهيل تنظيم جا 3 دهشتگرد مارجي ويا.
هن چيو ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان ست ڪلو ڌماڪيدار مواد، موٽرسائيڪل، 2 نائن ايم ايم پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون.
ايس ايس پي ڪڇي بولان ڪيپٽن رٽائرڊ دوست محمد بگٽي چيو ته پابندي مڙهيل تنظيم جا دهشتگرد، دهشتگردي جي رٿابندي ڪري رهيا هئا ته سي ٽي ڊي سان مقابلو ٿيو.
سندس چوڻ هو ته دهشتگردن جي سڃاڻپ لاءِ فنگر پرنٽ لاڳاپيل اداري کي اماڻيا ويندا، ٽنهي دهشتگردن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.
ايس ايس پي ڪڇي بولان ڪيپٽن رٽائرڊ دوست محمد بگٽي چيو ته دهشتگردن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد سول اسپتال ڪوئيٽا جي سردي خاني منتقل ڪيا ويندا.- Advertisement -
