بلوچستان جي علائقي ڪچلاڪ ۾ پوليس گاڏي ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد

- Advertisement -
بلوچستان جي علائقي ڪچلاڪ ۾ پوليس گاڏي ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي. ڪچلاڪ روڊ تي پوليس موبائل ويجهو ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي جي نتيجي ۾ اي ايس آءِ زيب الدين ۽ پوليس اهلڪار محمد طاهر شهيد ٿي ويا. اطلاع ملڻ بعد ايس پي صدر شوڪت علي، ڊي ايس پي عجب خان ڪاڪڙ ۽ ٻيا پوليس عملدار واقعي واري هنڌ پهچي ويا. شهيد اهلڪارن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته واقعي جي ذميوارن کي جلد کان جلد قانون جي ڪٽهڙي آڻي سخت سزا ڏياري وڃي. وزيراعظم شهباز شريف واقعي ۾ شهيد ٿيل اهلڪارن لاءِ مغفرت جي دعا ڪندي چيو ته واقعي جي ذميوار دهشتگردن کي جلد کان جلد عبرتناڪ سزائون ڏنيون وينديون، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشٽگردن خلاف جنگ جاري رهندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
20%
1.9m/s
0%
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون