تازه ترين

بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ ميرپورماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاجي مظاهرا

- Advertisement -
بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ ميرپورماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪري قرآن خواني ڪرائي وئي. گنداخان ۾ ميرپورماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سليم گوپانگ، ميجر جمالي، نور حسن جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سيد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. صحبت پور ۾ قلم ڌڻين پاران ميرپورماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي روح کي ايصال ثواب لاءِ جمل خان بلوچ جي نگراني ۾ قرآن خواني ڪرائي وئي. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هو ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا. هنن چيو ته نصر الله گڏاڻي هميشه غريبن، مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جو آواز قلم ذريعي اعليٰ ايوانن تائين پهچايو. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن ۽ مددگارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏياري بيچيني ختم ڪئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
32 %
3.6kmh
86 %
خميس
29 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون