خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽيءَ جو اجلاس اڄ ٿيندو

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ايس آءِ ايف سي جي ايپڪس ڪميٽيءَ جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي. اجلاس منجهند پوڻين ٻارهين وڳي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو جنهن ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير شرڪت ڪندا. ايس آءِ ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي اجلاس ۾  سڌ سماءَ، ناڻي، بچاءَ، رٿابندي، واپار ۽ قانون وارا  وزير به شرڪت ڪندا. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار به ايس آءِ ايف سي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، جڏهن ته چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين کي به اجلاس ۾ گهرايو ويو آهي ان کان علاوه عسڪري قيادت به اجلاس ۾ شرڪت ڪندي. اجلاس دوران ڪميٽي کي يو اَي اِي ۽ سعودي عرب جي سيڙپڪاري تي بريف ڪيو ويندو جڏهن ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين بابت به بريفنگ ڏني ويندي. واضع رهي ته ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت نه ڏني وئي هئي،گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي جي وزيراعظم سان رابطي کانپوءِ علي امين گنڊاپور کي اجلاس ۾شرڪت جي دعوت ڏني وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
7 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
15%
3.1m/s
0%
جمعو
29 °
ڇنڇر
29 °
آچر
29 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون