- Advertisement -
بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ ميرپورماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪري قرآن خواني ڪرائي وئي.
گنداخان ۾ ميرپورماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سليم گوپانگ، ميجر جمالي، نور حسن جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سيد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
صحبت پور ۾ قلم ڌڻين پاران ميرپورماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي روح کي ايصال ثواب لاءِ جمل خان بلوچ جي نگراني ۾ قرآن خواني ڪرائي وئي.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هو ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.
هنن چيو ته نصر الله گڏاڻي هميشه غريبن، مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جو آواز قلم ذريعي اعليٰ ايوانن تائين پهچايو.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن ۽ مددگارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏياري بيچيني ختم ڪئي وڃي.- Advertisement -
