تازه ترين
پوري قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي: صدر آصف علي زرداري هڪ هزار مريضن جي جيري جي پيوندڪاريءَ کي ڪاميابيءَ سان سرانجام ڏيڻ ساراهه جوڳي ڳالهه آهي: سيد مراد عل... وزيراعظم شهبازشريف، ن ليگ جي صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي پاڪستان کي تباهه ۽ برباد ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي: نوازشريف پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ نيڪالي وارين اسڪيمن تي ڪم هلي رهيو آهي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جي هر قسم جي مدد ڪئي وڃي، پاڪستاني نوجوان ڪرغزستان ۾ پاڪستان جا سفير آهن : ب... صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ انٽرميڊيئٽ نتيجن ۾ ڦيرڦار بابت ڪيس ۾ جج نه هئڻ سبب 8 جوابدارن جي عبوري ضمانت... سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ وڪيلن کي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو  گهوٽڪي ويجهو ساوند-سندراڻي تڪرار تان هٿياربندن ڳوٺاڻي کي اغوا بعد قتل ڪري ڇڏيو ڪوٽڙي ۾ 12 ورهين جي نينگر سان مبينا بدفعلي جي ڪوشش ٿي آهي، پوليس الزام هيٺ آيل جوابدار کي گرفتار ڪري...

بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ ٿيل برساتن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا جڏهن ته گوادر ۽ مڪران جو ڪراچي سان رابطو ڪٽجي ويو

بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ ٿيل برساتن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا جڏهن ته گوادر ۽ مڪران جو ڪراچي سان رابطو ڪٽجي ويو.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 24 ڪلاڪن دوران گوادر ۾ 80 ملي ميٽر، اورماڙا ۾ 77، پسني ۾ 66 ۽ جيواڻي ۾ 40 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

موسميات کاتي موجب، ڪوئيٽا ۾ 24 ڪلاڪن دوران 12 ملي ميٽر، پنجگور ۾ 15، قلات ۽ تربت ۾ 11 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته خضدار، نوڪنڊي ۽ زوب ۾ پنج پنج ملي ميٽر، دالبندين ۾ 4 ۽ لسبيلا ۾ 3 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

گوادر، پسني، نوشڪي، نوڪنڊي ۽ بارکان ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ڪوئيڪ رسپانس ٽيمون ۽ سول انتظاميه امدادي ڪاررواين ۾ رڌل آهن.

ٻوڏ سبب مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي بسول نديءَ جي پل ٽٽي پئي، جنهن سبب هاءِ وي ٻن هنڌن تان بند ٿي ويو، گوادر ۽ مڪران جو ڪراچي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو.

اورماڙا جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ به ٻوڏ واري صورتحال آهي، متاثر پنهنجي مدد پاڻ تحت محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.

چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، بلوچستان جي سامونڊي علائقن مان تيز برساتن جون رپورٽون اچي رهيون آهن، بلوچستان کان هي سسٽم پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ داخل ٿي رهيو آهي، جنهن سبب پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، اولهه هوائن جو سلسلو بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ موجود آهي جڏهن ته ڪوئيٽا ۽ ڀرپاسي ۾ اڄ موسم جهڙالي آهي، ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان برسات پئجي سگهي ٿي.

گوادر، ڪيچ، آواران، چاغي، خاران، لسبيلا، خضدار، قلات، نوشڪي، جهل مگسي، ڪوئيٽا، نصيرآباد، سبي، ڪوهلو، ڊيرا بگٽي، لورا لائي، هرنائي، زيارت، چمن ۽ پشين ۾ برسات جو امڪان آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
26 %
1.9kmh
5 %
آچر
30 °
سُومر
33 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
36 °

تازه ترين خبرون