تازه ترين
پوري قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي: صدر آصف علي زرداري هڪ هزار مريضن جي جيري جي پيوندڪاريءَ کي ڪاميابيءَ سان سرانجام ڏيڻ ساراهه جوڳي ڳالهه آهي: سيد مراد عل... وزيراعظم شهبازشريف، ن ليگ جي صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي پاڪستان کي تباهه ۽ برباد ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي: نوازشريف پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ نيڪالي وارين اسڪيمن تي ڪم هلي رهيو آهي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جي هر قسم جي مدد ڪئي وڃي، پاڪستاني نوجوان ڪرغزستان ۾ پاڪستان جا سفير آهن : ب... صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ انٽرميڊيئٽ نتيجن ۾ ڦيرڦار بابت ڪيس ۾ جج نه هئڻ سبب 8 جوابدارن جي عبوري ضمانت... سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ وڪيلن کي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو  گهوٽڪي ويجهو ساوند-سندراڻي تڪرار تان هٿياربندن ڳوٺاڻي کي اغوا بعد قتل ڪري ڇڏيو ڪوٽڙي ۾ 12 ورهين جي نينگر سان مبينا بدفعلي جي ڪوشش ٿي آهي، پوليس الزام هيٺ آيل جوابدار کي گرفتار ڪري...

رڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا مضبوط آهن، رپئي جي ملهه ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان ناهي : محمد اورنگزيب

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا مضبوط آهن، رپئي جي ملهه ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان ناهي، رپئي جي ملهه ۾ هر سال 6 کان 8 سيڪڙو تائين گهٽتائي نه ٿيڻ گهرجي، آءِ ايم ايف سان ڳالهين باوجود ڊالر جي اگهه ۾ وڌيڪ اضافو نه ٿيندو.

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ بلوم برگ اختيارين وچ ۾ رائونڊ ٽيبل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي معيشيت سميت ٻين معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا مضبوط آهن، ايندڙ سالن ۾ معاشي واڌ جي شرح 4 سيڪڙو کان وڌي ويندي.

سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف مشن پاران مئي ۾ پاڪستان جي دوري جو امڪان آهي، آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ رپئي جو ملهه وڌيڪ گهٽ ٿيڻ جو امڪان ناهي.

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته رپئي جي ملهه ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو ڪوبه سبب نظر نه پيو اچي، رپئي جي ملهه ۾ هر سال 6 کان 8 سيڪڙو تائين گهٽتائي نه ٿيڻ گهرجي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
21.4 ° C
21.4 °
21.4 °
32 %
2.8kmh
64 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
34 °
اربع
34 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون