تازه ترين

بلوچستان ملڪ جو ايراضي جي لحاظ سان وڏو صوبو آهي : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سڪيورٽي فورسز ۽ شهري امن لاءِ روزاني قربانيون ڏئي رهيا آهن، سي پيڪ خطي ۾ هاڪاري تبديلي جو سبب بڻجي رهيو آهي،  علاقائي رابطن ۾ اضافي سان معاشي ۽ واپاري شعبن ۾ انقلاب پيدا ٿيندو، بلوچستان ۾ کربيل ڊالرن جا قدرتي وسيلا ۽ دولت اڃا به زمين هيٺان دفن ٿيل آهن. نيشنل ورڪشاپ بلوچستان کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته بلوچستان ملڪ جو ايراضي جي لحاظ سان وڏو صوبو آهي، بلوچ اڳواڻن رضاڪاراڻي طور پاڪستان سان الحاق جو فيصلو ڪيو، بلوچستان جي ثقافت، تاريخ ۽ روايتون ان کي نرالو بڻائن ٿيون. سندس چوڻ هو ته بلوچستان قدرتي وسيلن سان مالامال صوبو آهي، افسوس آهي ته بلوچستان ۾ کربيل ڊالرن جا قدرتي وسيلا ۽ دولت اڃا به زمين هيٺان دفن ٿيل آهن، گذريل ڏهاڪن ۾ بلوچستان کي نظر انداز ڪرڻ خود احتسابي جو لمحو آهي. وزيراعظم چيو ته بلوچ عوام هميشه مهمان نواز رهيو آهي، بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي خوشحالي سان ڳنڍيل آهي، ڏورانهن آبادين تائين بجلي ۽ روڊن جي فراهمي وڏو مسئلو آهي، روڊن جي مضبوط نيٽ ورڪ کانسواءِ تعليم ۽ صنعت جي ترقي ممڪن ناهي. شهباز شريف چيو ته سي پيڪ خطي ۾ هاڪاري تبديلي جو سبب بڻجي رهيو آهي،  علاقائي رابطن ۾ اضافي سان معاشي ۽ واپاري شعبن ۾ انقلاب پيدا ٿيندو. سندس چوڻ هو ته 2018ع ۾ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪري ڇڏيو هو، بلوچستان ۽ ٻين علائقن ۾ دهشتگردي ڪَـرُ کڻي رهي آهي، سڪيورٽي ادارا هر روز امن لاءِ قربانيون ڏئي رهيا آهن، بلوچستان جو عوام سندن ڀاءُ آهي، کين ترقي ۾ برابر شريڪ ٿيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اهي ڪهڙا سبب آهن جن جي بنياد تي بدامني پيدا ٿي؟، اتحاد، محبت ۽ عزم سان بلوچستان کان پشاور تائين ترقي ممڪن آهي، هو چاهن ٿا ته خوني روڊ کي امن جي روڊ ۾ تبديل ڪيو وڃي. شهباز شريف چيو ته پاڪستان جا سمورا صوبا هڪ خاندان آهن، امن، اتحاد ۽ ڀائيچارو ئي ترقي جي ضمانت آهي، انشاءَ الله پاڪستان هڪ عظيم ملڪ بڻجندو. سندس چوڻ هو ته 2010ع جي اين ايف سي ايوارڊ ۾ پنجاب تاريخي قرباني ڏني، وفاق جو روح گڏيل قرباني ۽ ڀائيچاري ۾ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
19 %
3.4kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون