- Advertisement -
وفاقي ڪابينا، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس اڄ ٻيهر طلب ڪيا ويا آهن، تجويز ڪيل آئيني ترميم جي معاملي تي غور ويچار ڪيو ويندو.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ صبح 9:30 وڳي طلب ڪيو ويو هو، پر هاڻي اجلاس جو وقت تبديل ڪيو ويو آهي ۽ ڪابينا جو اجلاس 12 وڳي ٿيندو، اجلاس ۾ آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري جو امڪان آهي.
واضح رهي ته پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏني هئي، جنهن کانپوءِ وفاقي ڪابينا جو اجلاس فوري طور تي طلب ڪيو ويو هو، وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس منظوري ڏيڻ کانسواءِ ختم ٿي ويو هو.
ٻئي طرف قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اهم اجلاس اڄ ٻيهر ٿيندا، جمعي ڏينهن ٻنهي ايوانن جي اجلاسن ۾ آئيني ترميمون پيش نه ٿي سگهيون هيون.- Advertisement -
