- Advertisement -
هنگو ۾ ٻن ڌماڪن جي نتيجي ۾ ايس پي آپريشن سميت 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته پوليس سان مقابلي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا.
پوليس اختيارين موجب، دهشتگردن هنگو جي علائقي غلمينا ۾ خالي پوليس چيڪ پوسٽ کي بارودي مواد سان اڏائي ڇڏيو، جڏهن ته ڪوبه جاني ۽ مالي نقصان نه ٿيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي کانپوءِ ايس پي آپريشن اسد زبير ٻين اهلڪارن سان گڏ واقعي واري هنڌ وڃي رهيو هو ته درابن وٽ پوليس جي گاڏي کي بارودي مواد سان نشانو بڻايو ويو.
ڊي ايس پي مهمند موجب، ٻئي ڌماڪي ۾ ايس پي اسد زبير ۽ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا جڏهن ته 2 اهلڪار زخمي به ٿي پيا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪن ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيلن ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال هنگو منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته علائقي ۾ پوليس جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي.
ڊي پي اي موجب ڌماڪن کانپوءِ پوليس پهاڙن ۾ لڪي ويل دهشتگردن جو گهيراءُ ڪيو.
هن چيو ته پوليس سان مقابلي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا آهن.- Advertisement -
