- Advertisement -
جوڊيشل ڪميشن جسٽس ظفر احمد راجپوت کي سنڌ هائيڪورٽ، جسٽس ڪامران ملا خيل بلوچستان هائيڪورٽ جو چيف جسٽس ۽ جسٽس ميان گل اورنگزيب کي سپريم ڪورٽ جو مستقل جج بڻائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.
جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت چيف جسٽس پاڪستان ۽ ڪميشن جي چيئرمين جسٽس يحيٰ آفريدي ڪئي.
ذريعن موجب، اجلاس ۾ سنڌ هائيڪورٽ جي نئين چيف جسٽس جي مقرري بابت صلاح مشورا ڪيا ويا، سنڌ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس جي عهدي لاءِ ٽن سينيئر ججن جي نالن تي غور ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته صلاح مشوري کانپوءِ ڪميشن سنڌ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس لاءِ جسٽس ظفر راجپوت جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪميشن معاملو صدر جي منظوري لاءِ قانون واري وزارت کي اماڻي ڇڏيو.
آئين تحت اعليٰ عدليا ۾ مقرريون جوڊيشل ڪميشن جي سفارش ۽ پارلياماني ڪميٽي جي منظوري سان مشروط هونديون آهن.
سنڌ هائيڪورٽ جي نئين چيف جسٽس جي نامزدگي جي ضمن ۾ ڪميشن جي سفارش صدر مملڪت کي اماڻي ويندي، جنهن کانپوءِ مقرري جو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ بلوچستان هائيڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري لاءِ ٽن سينيئر ججن جي نالن تي غور ٿيو، جن ۾ جسٽس ڪامران خان. جسٽس اقبال احمد ڪانسي ۽ جسٽس شوڪت علي درخشاني شامل آهن.
ذريعن موجب، جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي مستقل جج جي مقرري تي به غور ٿيو.
اسلام آباد هائيڪورٽ جي ٽن سينيئر ججن جي نالن تي غور ڪيو ويو ۽ اسلام آباد هائيڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي نالي جي منظوري ڏني وئي.- Advertisement -
