- Advertisement -
بنگلاديش عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس چيو آهي ته شيخ حسينا واجد کي ڀارت مان واپس آڻڻو پوندو، اڳوڻي وزيراعظم جي ڀارت ۾ ويهي بيان ڏيڻ مان ڪو به خوش ناهي.
ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي ڊاڪٽر محمد يونس چيو ته بنگلاديش جي حوالگي جي مطالبي تائين ڀارت حسينه واجد کي رکڻ چاهي ٿو ته کيس خاموش رهڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته حسينه واجد جي ڀارت ۾ ويهي بيان بازي ڪرڻ سان ڪوبه خوش ناهي، اڳوڻي وزيراعظم جا ڀارت مان بنگلاديش بابت ڪيل تبصره دوستاڻه ناهن.
بنگلاديش عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر چيو ته حسينه واجد عوامي ناراضگي ۽ انقلاب سبب فرار ٿي، ڀارت اڳوڻي وزيراعظم کي پناهه ڏني آهي پر هوءَ اتي ويهي ڪري مهم هلائي رهي آهي.
ڊاڪٽر محمد يونس چيو ته حسينه واجد جيڪي ظلم ڪيا سڀني جي اڳيان احتساب ٿيڻ گهرجي، حسينه واجد کي واپس بنگلاديش آڻڻو پوندو، ٻي صورت ۾ عوام سڪون ۾ نه ايندو.- Advertisement -
