پاڪ فوج وطن جي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي:مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪ فوج وطن جي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، هو پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان انتهائي نازڪ دور مان گذري رهيو آهي جنهن تي سڀني کي متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي. بچاءَ واري ڏهاڙي تي سيد مراد علي شاهه پاڪ فوج کي عظيم قربانين تي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته اڄوڪي ڏهاڙي سندن فوج نه رڳو بهادري سان دشمن جو مقابلو ڪيو پر کيس شڪست به ڏني. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي دفاعي صلاحيت ناقابل تسخير آهي، هو هن ڏينهن کي هر سال وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته دشمن جو اوچتو حملو پاڻ ان لاءِ ندامت جو سبب بڻيو، محمود عالم هڪ منٽ ۾ دشمن جا 5 جنگي جهاز تباهه ڪري ڇڏيا. هن چيو ته اڄوڪي ڏهاڙي تي بهادر جوانن ملڪ جي حفاظت سان گڏ لکين محب وطن جون زندگيون به محفوظ بڻايون، اڄوڪو ڏينهن ثابت ڪري ٿو ته هو زنده قوم آهن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هو پنهنجي شهيدن کي هميشه ياد رکندا آهن، جن سندن اڄ لاءِ پنهنجو سڀاڻي قربان ڪيو، پاڪ فوج وطن جي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، هو پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان انتهائي نازڪ دور مان گذري رهيو آهي جنهن تي سڀني کي متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.3 ° C
21.3 °
21.3 °
35%
2.1m/s
0%
ڇنڇر
21 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °

تازه ترين خبرون