- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا آهن ته ڊي ايڇ ايَ وارا ڌنڌو ڪري رهيا آهن، پيسو ڪمائڻو آهي ته ڪمايو، شهيدن کي وچ ڇو ٿا آڻيو؟ وڏو وزير ڪهڙي حيثيت ۾ زمين الاٽ پيو ڪري؟ ائين ته ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ به نه ڪيو جيئن وڏو وزير پيو ڪري.
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني بئنچ خانگي هائوسنگ سوسائٽي ۾ زمين جي منتقلي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ڊي ايڇ ايَ جي وڪيل دليل ڏنا.
وڪيل چيو ته ڊي ايڇ اي طرفان شهيدن جي وارثن ۽ جنگ جي زخمين کي پلاٽ ڏنا ويندا آهن.
جسٽس عرفان سعادت سوال ڪيو ته ڇا ڊي ايڇ اي رڳو شهيدن لاءِ ڪم ڪري ٿو؟
وڪيل جواب ڏنو ته ان منصوبي ۾ ڪمرشل پلاٽ به هوندا آهن.
چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڊي ايڇ ايَ وارا ڌنڌڪ ڪري رهيا آهن، پيسو ڪمائڻو آهي ته ڪمايو، شهيدن کي وچ ۾ ڇو ٿا آڻيو؟
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اهِا راند ڪيترائي ڀيرا ڏٺي آهي، ان ۾ معاملي ۾ ٽي مک ڪردار پرويز مشرف، پرويز الاهي ۽ خانگي هائوسنگ سوسائٽي آهن.
چيف جسٽس چيو ته ڇا اهي آهن پاڪستان جا اصل مالڪ؟ وڏو وزير ڪير ٿيندو آهي زمين الاٽ ڪرڻ وارو؟ ڇا اهو ان جو اختيار آهي؟
هن چيو ته ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ به ائين نه ڪيو، جيئن وڏو وزير ڪري رهيو آهي، اهي وڏا طاقتور ماڻهو آهن، جن سڀني کي خريد ڪيو آهي.
چيف جسٽس اهو ڪيس لائيو هلائڻ جي به هدايت ڪئي.- Advertisement -
