بيگم نصرت ڀٽو جمهوريت لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي علامت آهي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو جمهوريت لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي علامت آهي، بيگم نصرت ڀٽو جو ڪردار سمورن جمهوريت پسندن لاءِ هڪ مستقل تحريڪ جو ذريعو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي 13هين ورسيءَ تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته بيگم ڀٽو جمهوريت لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي علامت آهي. سندس چوڻ آهي ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جو اثر سياست کان ڪيترو ئي اڳتي آهي. هن چيو ته بيگم ڀٽو، آمريت ۽ ظلم خلاف مزاحمت جي علامت آهي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته بيگم ڀٽو جو ڪردار سمورن جمهوريت پسندن لاءِ هڪ مستقل تحريڪ جو ذريعو آهي. هن چيو ته بيگم ڀٽو جي ذڪر کانسواءِ پاڪستان جي سياسي جدوجهد جي تاريخ نامڪمل رهندي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته مادر جمهوريت جي ياد پارٽي ۽ قوم ٻنهي لاءِ اميد، قوت ۽ رهنمائي جي علامت بڻيل رهندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
37%
1m/s
0%
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون