تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بٽگرام: چيئر ۾ ڦاٿل ماڻهو ريسڪيو، آپريشن مڪمل

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪ فوج پندرهن ڪلاڪن کانپوءِ بٽگرام ۾ چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل ڇهن شاگردن سميت اٺن ئي ڄڻن کي بچائي ريسڪيو آپريشن ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪري ورتو آهي.

خيبرپختونخوا جي شهر بٽگرام ۾ پاشتو واري هنڌ تي چيئر لفٽ جي رسي  ٽٽي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اسڪول جي ڇهن ٻارن سميت 8 ڄڻا 600 فوٽن جي بلندي تي ڦاسي پيا.

ٻار صبح ستين وڳي چيئر لفٽ ذريعي اسڪول وڃي رهيا هئا ته  لفٽ جون ٽن مان ٻه رسيون ٽٽي پيون، جنهن ڪري چيئر لفٽ ڦاسي پئي.

بٽگرام جي علائقي آلائي ۾ چيئر لفٽ ۾ اٺ ڄڻا ڦاسڻ سبب پاڪ فوج اسپيشل سروسز گروپ چيئر لفٽ ۾ ڦاٿلن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي جي اسپيشل سروسز گروپ جي سلنگ آپريشن ۾ ماهر ٽيم به حصو ورتو.

ريسڪيو ڪيلن ۾ عرفان ولد امريز، نياز ولد عمر زيب، رضوان ولد عبدالقيوم، گل فراز پٽ حڪيم داد، شير نواز ولد شاهه نظر، ابرار پٽ عبدالغني، عطا الله ولد ڪفايت الله ۽ اساما ولد محمد شريف شامل آهن.

 آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي اسپيشل سروسز گروپ جي سلنگ ٽيم 600 فٽ جي اونچائي تي چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل اٺن ئي ڄڻن کي ڪاميابيءَ سان ريسڪيو ڪري ورتو آهي.

پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪ فوج سدائين هر ڏکئي وقت ۾ عوام جي آواز تي لبيڪ چيو ۽ ڏکئي گهڙيءَ ۾ عوام سان گڏ بيٺل رهي آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
25.1 ° C
25.1 °
25.1 °
17 %
2.8kmh
23 %
اڱارو
25 °
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون