- Advertisement -
تحريڪ انصاف طرفان اسٽيبلشمينٽ سان اعليٰ سطحي رابطن جي تصديق ڪئي وئي آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير سان پشاور ۾ ملاقات ڪئي آهي، جيڪڏهن ڪي ڳالهيون شروع ٿيون آهن ته سٺو سنوڻ آهي.
اڊيالا جيل جي عدالتي ڪمري ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته هن ۽ علي امين گنڊاپور جي آرمي چيف سان ڌار ڌار ملاقات ٿي.
سندس چوڻ هو ته ملاقات ۾ پنهنجا سمورا مسئلا آرمي چيف اڳيان رکيا ۽ ملڪي استحڪام بابت سمورن معاملن تي ڳالهيون ٿيون.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته اميد آهي هاڻي صورتحال بهتر ٿي ويندي، ملاقات ۾ ٻئي پاسي کان به هاڪاري جواب مليو آهي.- Advertisement -
