- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته 190 ملين پائونڊ تاريخ جو سڀ کان وڏو اسڪينڊل آهي، هڪ شخص کي 80 کان 90 ارب رپين جو فائدو ڏنو ويو، پي ٽي آءِ کي چئلينج آهي، ٻڌايو وڃي ته رقم حڪومت کي منتقل ڇو نه ڪئي وئي؟.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف حڪومتي دور ۾ ڪابينا کان بند لفافي جي منظوري ورتي وئي، ڏينهن جو ڪيل هن ڦر جو تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف باني جيڪو ڪيو ان جو ڀوڳڻو پوندو، پي ٽي آءِ باني، پنهنجي گهرواري بشريٰ بي بي ۽ فرح گوگي سان گڏجي قوم جا اربين رپيا ڦٻايا.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته ڳالهيون ضرور ٿيڻ گهرجن پر ڪرپشن تي ڊيل نٿي ٿي سگهي، ٻڌو آهي ته تحريڪ انصاف باني پنهنجي ماڻهن کي چئي ٿو ته کيس جيل مان ڪڍو.
هن چيو ته ٻاهر ويهي پاڪستان ۽ سندس ادارن خلاف ڪريل مهم هلائي پئي وڃي، ڊيفالٽ جو خطرو مڪمل طور ختم ٿي ويو آهي، عالمي اقتصادي فورم پاڪستان جي معيشيت بابت هاڪاري اشارا ظاهر ڪيا آهن.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته مهانگائي ۾ گهٽتائي حڪومت جي اهم ڪاميابي آهي، 190ملين پائونڊ ميگاڪرپشن اسڪينڊل آهي، جنهن جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي.
هن چيو ته جيڪڏهن پيسا ضبط ٿيل نه هئا ته نيشنل ڪرائيم ايجنسي پاڪستان حڪومت کي ڇو ڏنا؟، 190 ملين پائونڊ ان لاءِ ڏنا ويا ڇو ته ملڪ جي عوام ۽ حڪومت جا پيسا هئا.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف باني ملڪي تاريخ ۾ واحد ليڊر آهي جيڪو چئي ٿو سندس ڪو آمدني جو ذريعو ناهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني جي آمدني جو ڪو ذريعو ناهي ته ڪروڙين رپين جي ملڪيت ڪيئن ٺاهي وئي آهي؟.
عطا تارڙ چيو ته آمدني جو ذريعو ناهي ته لاهور ۾ 25 ڪروڙ رپين جو گهر ڪيئن ٺاهيو ويو؟، هڪ شخص کي 80 کان 90 ارب رپين جو فائدو ڏنو ويو.- Advertisement -
