تحريڪ انصاف عمر ايوب کي وزيراعظم جو اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
تحريڪ انصاف عمر ايوب کي وزيراعظم جو اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو، مختلف سياسي پارٽين سان رابطي لاءِ اسد قيصر جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي، اسد قيصر جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني سمورين سياسي پارٽين سان رابطي جي هدايت ڪئي آهي، هو پارليامينٽ ۾ ويهندا، اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ جو ڪو به ارادو ناهي. قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر اڊيالا جيل ۾ تحريڪ انصاف جي باني سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمر ايوب وزيراعظم لاءِ پي ٽي آءِ جو اميدوار هوندو جڏهن ته عاقب خان ڪي پي اسيمبليءَ جو اسپيڪر هوندو. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف باني سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي. قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي خلاف احتجاج ڪندڙ پارٽين سان رابطا ڪيا ويندا، جي يو آءِ، اي اين پي، جماعت اسلامي ۽ ٻين پارٽين سان ڳالهيون ڪيون وينديون. هن چيو ته هو پارليامينٽ ۾ ويهندا، اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ جو ڪو به ارادو ناهي. قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، هڪ ٻن ڏينهن ۾ پارلياماني پارٽي جو اجلاس گهرايو ويندو. پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر محمد علي سيف چيو ته تحريڪ انصاف اسد قيصر جي ڀاءُ عاقب الله کي ڪي پي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ نامزد ڪيو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
14.2 ° C
14.2 °
14.2 °
31%
0.3m/s
14%
اربع
14 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون