- Advertisement -
تحريڪ انصاف ڊي چوڪ تي سوين ڪارڪنن جي شهادت واري دعويٰ تان هٿ کڻي وئي، بئريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته ڪنهن به ليڊر کي ريلي سان گڏ اچڻ جو نه چيو هو، پي ٽي آءِ بانيءَ کي خبر ئي نه هئي ته ڇا ٿيو هو، سندس صحت بابت خبرون غلط آهن.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته فائنل ڪال بعد پي ٽي آءِ بانيءَ سان ملاقات ٿي، هن معاملا پارليامينٽ ۾ اٿارڻ جي هدايت ڪئي آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ جي صحت بابت غلط خبرون هلايون ويون، هو بلڪل ٺيڪ آهي، بانيءَ کي مظاهري ۽ ٻين معاملن بابت ٻڌايو، کيس خبر ئي نه هئي ته ڇا ٿيو آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ کي رينجرز، پوليس ۽ پي ٽي آءِ جي ٻارهن شهيدن بابت ٻڌايو، جيڪي سوين ماڻهو مرڻ جون ڳالهيون پيا ڪن، هو انهن کان لاتعلقي ڪن ٿا.
بئريسٽر گوهر چيو ته گولي جنهن طرف کان به هلي هو ان جي مذمت ڪن ٿا، ڊي چوڪ تي اچڻ مقصد نه هو، نه ئي اڳواڻن کي چيو ويو ته سڀ ڊي چوڪ پهچو، پي ٽي آءِ تي ڪا به پابندي ناهي لڳي، هو سياسي جدوجهد جاري رکندا، پارٽي پنهنجو حساب ڪندي آهي.- Advertisement -
