- Advertisement -
ڄامشوري، ٿل ۽ ساهيوال جي پاور پلانٽن کي ٿر جي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته اسلام ڪوٽ کان ڇور تائين 105 ڪلوميٽر ريلوي لائن وڇائي ويندي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدسارت هيٺ 28هون ٿرڪول اينڊ انرجي بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ توانائي واري صوبائي وزير ناصر شاهه، ايم اين اي شازيا مري، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ايم ڊي ٿر ڪول طارق شاهه شرڪت ڪئي، جڏهن ته وفاقي حڪومت کان ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ ٻيا وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته ٿر ڪول مان سستي بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي، امپورٽڊ ڪول مان 19 رپيا 5 پيسا في ڊبليو ايڇ ۾ بجلي پيدا ٿئي ٿي ۽ ٿرڪول مان 4 رپيا 8 پيسا في ڊبليو ايڇ ۾ بجلي پيدا ٿئي ٿئي.
هن چيو ته ٿر ڪول بلاڪ ٽو جي ست ڏهائي 6 ايم ٽي پي ايَ مائن ڪيپيسٽي آهي، بلاڪ ٽو مان 13 سئو 20 ميگا واٽ توانائي پيدا ٿي رهي آهي.
وڏي وزير چيو ته ٿرڪول بلاڪ ٽو مان ڪول کي 15 بلين رپيا رائلٽي ملي آهي، پراجيڪٽ سان سماجي زندگي بهتر ٿي آهي، پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ 80 سيڪڙو ملازمن جو تعلق سنڌ صوبي سان آهي، 28 اسڪول ٺاهيا ويا آهن، جتي 5 هزار ٻار تعليم پرائي رهيا آهن، 5 اسپتالون ٺاهيون ويون آهن، جتي 80 هزار مريضن جو علاج ٿئي ٿو.
اجلاس دوران ڄامشور، ٿل ۽ ساهيوال ڪول پاور پلانٽن کي ٿرڪول تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ويو،.
توانائي واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته انهن ٽنهي پراجيڪٽن کي ٿرڪول تي منتقل ڪرڻ جي هدايت وزيراعظم ڏني آهي- Advertisement -
