تحريڪ انصاف کان بيٽ جو نشان ٻيهر کسجي ويو

- Advertisement -
تحريڪ انصاف کان بيٽ جو نشان ٻيهر کسجي ويو، پشاور هائيڪورٽ اسٽي آرڊر ختم ڪندي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بحال ڪري ڇڏيو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي ٻڌڻ کانسواءِ انٽرم رليف ڏنو ويو، رليف ڏيڻ وقت عدالت جي اختيار واري دائري کي نظر ۾ نه رکيو ويو، انٽرم رليف چونڊ عمل ۾ رنڊڪ بڻجي رهيو هو، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب عام چونڊون ڪرائي. پشاور هائيڪورٽ جي جسٽس اعجاز خان عدالتي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اليڪشن ڪميشن جو وڪيل ۽ پي ٽي آءِ جو  سينيئر وڪيل قاضي انور ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي جي شروعات تي پي ٽي آءِ جي وڪيل قاضي انور سوال ڪيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن هائيڪورٽ جي فيصلي خلاف عدالت اچي سگهي ٿي؟ 26 ڊسمبر تي فيصلو آيو، ان تي اڃا تائين عمل به ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن اڃا تائين ويب سائٽ تي انٽراپارٽي اليڪشن سرٽيفڪيٽ به جاري ناهي ڪيو. جسٽس اعجاز خان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان طرفان ڪو توهين عدالت جو ڪيس آيو؟ ان تي قاضِي انور چيو ته سندن اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيا، اليڪشن ڪميشن ڇا ڪيو؟ جسٽس اعجاز خان چيو ته ان جو مطلب آهي ته اسٽي آرڊر مان ڪا به ڏکيائي نه ٿي، اوهان جا ٻه نقطا آهن ته اليڪشن ڪميشن  اسٽي آرڊر واپس وٺڻ لاءِ هت نه ٿي اچي سگهي ۽ ٻيو اِن آرڊر سان اليڪشن  ڪرائڻ ۾ ڪو مسئلو ناهي. ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن ٻڌڻ کانسواءِ 26 ڊسمبر تي اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ تي اعتراض اٿاريا. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته هنن اسان جي آرڊر تي  اسٽي آرڊر ورتو آهي، کين ان خلاف رٽ داخل ڪرائڻ جو حق آهي، هنن جو ڪيس هت ٻڌڻي جوڳو ناهي، کين سپريم ڪورٽ وڃڻ گهرجي. وڪيل قاضي انور چيو ته اليڪشن ڪميشن وٽ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪالعدم قرار ڏيڻ جو اختيار ناهي، پي ٽي آءِ 2013ع ۽ 2018ع ۾ عام چونڊون بيٽ جي نشان تي وڙهيون. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو ڪجهه ڪلاڪن بعد ٻڌايو ويو. پشاور هائيڪورٽ فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني اپيل منظور ڪندي 22 ڊسمبر وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بحال ڪيو. عدالت پي ٽي آءِ جي انٽراپارٽي اليڪشن ۽ چونڊ نشان ڪيس تي پنهنجو اسٽي آرڊر واپس وٺي ڇڏي، جنهن بعد پي ٽي آءِ هڪ ڀيرو ٻيهر بيٽ جي نشان کان محروم ٿي وئي آهي. پشاور هائيڪورٽ طرفان ڇهن صفحن تي ٻڌل حڪم نامو به جاري ڪيو آهي. حڪم نامي ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن کي ٻڌڻ کانسواءِ انٽرم رليف ڏنو آهي. پشاور هائيڪورٽ جي حڪم نامي ۾ چيو ويو ته انٽرم رليف ڏيڻ وقت عدالت جي اختيار واري دائري جو خيال نه رکيو ويو. پشاور هائيڪورٽ حڪم نامي ۾ چيو ويو ته انٽرم رليف چونڊ عمل ۾ رنڊڪ بڻجي رهيو هو، اليڪشن ڪميشن مينڊيٽ موجب چونڊ عمل جاري رکي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرايون  وڃن. 22 ڊسمبر تي اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي انٽراپارٽي اليڪشن ڪالعدم قرار ڏيندي چونڊ نشان بيٽ واپس وٺي ڇڏيو هو، 26 ڊسمبر تي پشاور  هائيڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي اسٽي آرڊر جاري ڪيو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
40%
1.6m/s
0%
سُومر
25 °
اڱارو
31 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
26 °

تازه ترين خبرون