- Advertisement -
سپريم ڪورٽ طرفان ملڪ ۾ شفاف چونڊون يقيني بڻائڻ جي هدايت،
تحريڪ انصاف جي ليول پليئنگ فيلڊ بابت درخواست تي چيف سيڪريٽري، آءِ جي پنجاب ۽ اي جي پنجاب کي نوٽيس جاري، ٻڌڻي 8 جنوري تائين ملتوي،
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان پي ٽي آءِ جي وڪيل لطيف کوسا جي نالي اڳيان سردار لکڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، سندس چوڻ آهي ته 1976ع کانپوءِ سرداري نظام ختم ٿي چڪو آهي،
پ پ حڪومت سرداري نظام جي خاتمي لاءِ قانونسازي ڪئي، هاڻي لطيف کوسي جا پٽ به سردار ٿي ويا آهن،
سردار، پير ۽ نواب جهڙا لفظ استعمال ڪرڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، پاڪستاني آئين ۽ يا وري سرداري نظام تي عمل ڪيو وڃي- Advertisement -
