سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثن سبب هڪ عورت فوت ۽ 9 ڄڻا زخمي

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثن سبب هڪ عورت فوت ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. بخشاپور ويجهو ڇڻڪو وٽ انڊس هاءِ وي تي ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار عورت خظمت خاتون فوت ۽ ممتاز ڀيو زخمي ٿي پيو. بخشاپور پوليس پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل  ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڊرائيور کي ٽرڪ سميت تحويل ۾ ورتو ويو آهي. ڇاڇرو ويجهو مبارڪ رند روڊ تي هيرار موڙ وٽ ٻن مسافر جيپن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 8 مسافر زخمي ٿي پيا آهن. ڇاڇرو ويجهو مبارڪ رند روڊ تي هيرار موڙ وٽ تيز رفتار ٻن مسافر جيپن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ ٻنهي گاڏين ۾ سوار 8 مسافر زخمي ٿي پيا، زخمي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين حادثي واري هنڌ تڙپندا رهيا. مقامي ماڻهن پهچي زخمين کي بي ايڇ يو ۽ ڇاڇرو جي  اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو. مسافر لانگ چيچس جيپون ڳوٺ راڄوڙو ۽ عمر انڙ کان اچي رھيون هيون ته حادثو پيش آيو………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
30%
2.5m/s
0%
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون