تازه ترين

اين اي 207 تي آصفه ڀٽو زرداري بنا مقابلي ڪامياب قرار

شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداريءَ جي ننڍي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري پارلياماني سياست ۾ قدم رکندي نوابشاهه جي قومي اسيمبليءَ جي تڪ  اين اي 207 تي بنا مقابلي ڪاميابي ماڻي آهي.

اين اي 207 تي آصفه ڀٽو زرداريءَ جي حق ۾ سندس ٽئي مخالف اميدوار هٿ کڻي ويا، جنهن ڪري هوءَ بنا مقابلي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊجي وئي آهي.

نوابشاهه جو تڪ اي اين 207  آصف علي زرداريءَ جي صدر ٿيڻ بعد خالي ٿيو، جنهن تي آصفه ڀٽو زرداري چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪندي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا.

آصف علي زرداريءَ صدر ٿيڻ بعد پنهنجي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري کي خاتون اول جو درجو ڏنو ۽ هو  خاتون اول جي حيثيت  ۾ ايم اين اي ٿي آهي.

آصفه ڀٽو زرداري 3 فيبروري 1993ع  تي شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداريءَ جي گهر ۾ ان وقت اک کولي جڏهن سندس امڙ ڏکڻ ايشيا ۽ اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي.

پاڪستان ۾ آصفه ڀٽو زرداري پهريون ٻار هئي، جنهن سڀني کان اڳ پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيتا، 1994ع ۾ بينظير ڀٽو ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جي شروعات ڪئي ۽ سڀ کان اڳ پنهنجي نياڻي آصفه کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا هئا.

آصفه ڀٽو زرداري  آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان سياست ۽ سماجيات ۾ بيچلرز جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ پوءِ يونيورسٽي ڪاليج لنڊن مان گلوبل هيلٿ اينڊ ڊولپمنيٽ ۾ ماسٽرس ڪئي.

آڪٽوبر 2009ع ۾ آصفه ڀٽو زرداري کي پوليو مهم جو سفير پڻ مقرر ڪيو ويو.

آصفه کي 21 ورهين جي عمر ۾ آڪسفورڊ يونين کي خطاب ڪندڙ ننڍي ۾ ننڍي پاڪستاني ڇوڪري هجڻ جو اعزاز به حاصل آهي.

آصفه سياست جي شروعات 30 نومبر 2020ع ۾ ملتان ۾ ريلي سان ڪئي.

آصف علي زرداريءَ جي نيب ۾ ٻڌڻين وقت آصفه هر هنڌ والد سان گڏ رهي ۽ پي ٽي آءِ حڪومت خلاف تحريڪ ۾ هوءَ ڀاءُ ۽ پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سان به گڏ گڏ رهي.

2024ع جي عام  چونڊن ۾ آصفه ڀٽو زرداري چونڊ مهم ۾ ڀرپور نموني حصو ورتو ۽ سڄي سنڌ ۾ ريلين کي خطاب ڪيو.

17 مارچ تي آصفه پارلياماني سياست ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ آصف علي زرداريءَ جي صدر ٿيڻ بعد نوابشاهه جي خالي ٿيل تڪ اين اي 207 تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ۽ بنا مقابلي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
20 ° C
20 °
20 °
30 %
4.3kmh
100 %
ڇنڇر
19 °
آچر
22 °
سُومر
19 °
اڱارو
21 °
اربع
23 °

تازه ترين خبرون