تازه ترين

ترقي ۽ خوشحال مستقبل لاءِ آبادي ۾ تيزي سان اضافي جي مسئلي تي ڌيان ڏنو وڃي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي ٿيم ڪنهن کي پٺتي نه ڇڏيندا، سڀني کي شمار ڪندا، جي حمايت ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته ترقي ۽ خوشحال مستقبل لاءِ آبادي ۾ تيزي سان اضافي جي مسئلي تي ڌيان ڏنو وڃي، حڪومت ۽ معاشري کي تيزي سان وڌندڙ آبادي جي معاملي تي ڌياڻ ڏيڻو پوندو. آبادي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آبادي ۾ تيزي سان سان اضافو اهڙو چئلينج آهي جنهن جو فوري ۽ هاڪاري حل ضروري آهي، پ پ جي هر دور ۾ وڌندڙ آبادي جي مسئلي جي حل بابت نمايان اڳڀرائي ٿي. سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جي عوامي حڪومتن آبادي ۾ اضافي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کنيا، پ پ جي حڪومتن آگاهي مهم، صحت جي سار سنڀال ۽ خانداني منصوبابندي جهڙا قدم کنيا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جنرل ضياءَ الحق جي آمريت دوران ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪاز کي نقصان پهتو، ضياءَ الحق اقتدار خاطر مذهبي جنونيت کي هٿي وٺرائي ۽ اعتدال پسند سوچ کي دٻايو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.5 ° C
27.5 °
27.5 °
12 %
7.5kmh
1 %
اربع
26 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون