تازه ترين

ترڪيه ۾ 6.1 جي شدت جو زلزلو، ڪيترن ئي عمارتن کي نقصان پهتو

- Advertisement -
ترڪيه جي اولهه واري حصي ۾ زلزلي جي لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي عمارتن کي نقصان پهتو. ميڊيا رپورٽن موجب، زلزلي جي شدت 6ڏهائي هڪ رڪارڊ ڪئي وئي جنهن جو مرڪز باليڪسير جو علائقو سندرگي هو جڏهن ته اونهائي تقريبن 6 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جا لوڏا استنبول، بورصه، مانيسا ۽ ازمير سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ محسوس ڪيا ويا، جڏهن ته سندرگي ۾ ڪيترن ئي عمارتن کي نقصان پهتو. زلزلي سبب ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو ۽ شهري گھرن کان ٻاهر نڪري آيا. ياد رهي ته آگسٽ ۾ به ساڳئي علائقي ۾ 6 ڏهائي هڪ جي شدت جو زلزلو آيو هو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا. ان لان اڳ به ترڪيه ۾ 2023 ۾ آيل زلزلي ۾ خوفناڪ زلزلي ۾ 55 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
35 %
1.6kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون