- Advertisement -
ترڪيه جي اولهه واري حصي ۾ زلزلي جي لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي عمارتن کي نقصان پهتو.
ميڊيا رپورٽن موجب، زلزلي جي شدت 6ڏهائي هڪ رڪارڊ ڪئي وئي جنهن جو مرڪز باليڪسير جو علائقو سندرگي هو جڏهن ته اونهائي تقريبن 6 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.
زلزلي جا لوڏا استنبول، بورصه، مانيسا ۽ ازمير سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ محسوس ڪيا ويا، جڏهن ته سندرگي ۾ ڪيترن ئي عمارتن کي نقصان پهتو.
زلزلي سبب ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو ۽ شهري گھرن کان ٻاهر نڪري آيا.
ياد رهي ته آگسٽ ۾ به ساڳئي علائقي ۾ 6 ڏهائي هڪ جي شدت جو زلزلو آيو هو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا.
ان لان اڳ به ترڪيه ۾ 2023 ۾ آيل زلزلي ۾ خوفناڪ زلزلي ۾ 55 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.- Advertisement -
