تازه ترين

تنگواڻي شهر ۽ ڀرپاسي وڌندڙ بدامني خلاف شهرين ۽ سياسي سماجي ڌرين طرفان ٽئين ڏينهن به علامتي بک هڙتال

- Advertisement -
تنگواڻي شهر ۽ ڀرپاسي وڌندڙ بدامني خلاف شهرين ۽ سياسي سماجي ڌرين طرفان ٽئين ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي وئي آهي. شهري ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي شهرين آصف کوسو، رحمدل لاشاري، فائق نوناري، ڪفايت الله کوسو، اعظم کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڏينهن به بس اسٽينڊ وٽ بک هڙتال ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڏوهاري شهر جي سڀني دڪاندارن کي ڀتي جون پرچيون ڏئي وڃن ٿا، ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ کين قتل ۽ اغوا جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هنن چيو ته ڌاڙيلن جو راڄ قائم آهي ڏوهارين علائقي واسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته اغوا، ڦر، ڌاڙا ۽ چوريون روز جو معمول بڻيل آهن، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بدامنيءَ جو نوٽيس وٺي علائقي ۾ امن امان بحال ڪرايو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
32 %
3.8kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون