- Advertisement -
دادو ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري چاچي ۽ ڀائٽي کي قتل ڪري ڇڏيو.
خدا آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ امام بخش ڀنڊ ۾ جوابدار فائرنگ ڪري چاچي مختيار ڀنڊ ۽ ڀائٽي حنيف ڀنڊ مٿان فائرنگ ڪري ڏني.
وارثن ٻنهي زخمين کي سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو جتي زخمن جا سور نه سهندي ٻئي ڄڻا فوت ٿي ويا.
مارجي ويلن جا لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيا ويا، پوليس ۽ ڀنڊ برادريءَ جا ماڻهو اسپتال پهچي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڀنڊ برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار هلندڙ آهي جنهن تان هي واقعو پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.- Advertisement -
