- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جون واڌايون ڏنيون آهن.
ثقافتي ڏهاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي ڏينهن سنڌو ماٿريءَ جي ڀرپور ثقافتي ورثي، شاندار روايت ۽ لازوال قدرن جو مظهر آهي.
هن چيو ته ثقافت جو ڏهاڙو سنڌ جي لازوال ليگسي، ڀائيچاري، رواداري ۽ شموليت کي ظاهر ڪري ٿو، سنڌ صوفي بزرگن جي ڌرتي آهي، سنڌ جو اتحاد ڀائيچاري جو پيغام دلين کي متاثر ڪندو آيو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي رڳو ثقافتي اهڃاڻ نه پر سنڌ جي سڃاڻپ ۽ قدر جو ثبوت آهن.
پ پ چيئرمين چيو ته اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي سندن لاءِ احترام، وقار ۽ فخر جي علامت آهن، سنڌ جي ثقافت کي محفوظ رکڻ ۽ هٿي ڏيڻ لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀٽائي، سچل ۽ قلندر جي محبت، انسانيت ۽ امن جا پيغام سنڌ جي سڃاڻپ جو روح آهن، پ پ سنڌ جي ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي.- Advertisement -
