- Advertisement -
ججن جي مقرري لاءِ قائم جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿي رهيو آهي.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس اڄ ٿيندو.
اجلاس دوران لاهور هائيڪورٽ ۾ ايڊيشنل ججن جي مقرري لاءِ 8 سيشن ججن جي نالن تي غور ڪيو ويندو.
جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ ايڊيشنل ججن جي مقرري لاءِ راجا غضنفر علي، قيصر نذير بٽ، اڪمل خان ۽ تنوير احمد جا نالا غور هيٺ ايندا.
جزيله اسلم، طارق محمود باجوه، شاهده سعيد ۽ اڪبر گل خان جي نالن تي به غور ڪيو ويندو.- Advertisement -
