- Advertisement -
سڪيورٽي فورسز طرفان ضلعي سوات جي علائقي چار باغ ۾ آپريشن دوران رنگ ليڊر سميت ٻه دهشتگرد مارجي ويا، هڪ دهشتگرد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز طرفان سوات ضلعي جي علائقي چار باغ ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران رنگ ليڊر عطا الله عرف مهراڻ سميت 2 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ دهشتگرد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي ار موجب مارجي ويل رنگ ليڊر عطا لله عرف مهراڻ دهشتگرديءَ جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث هو.
آءِ ايس پي آر مارجي ويل دهشتگرد 22 سيپٽمبر تي سفيرن جي سيڪيورٽي تي مقرر پوليس جي گاڏيءَ جو نشانو بڻائڻ ۾ به ملوث هو.
آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ ٻين دهشتتگردن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ٻين قانوني لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.- Advertisement -
