- Advertisement -
پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته جمهوريت ۾ ملڪي بقا آهي، عام چونڊون ڪنهن به صورت ۾ ملتوي نه ٿيڻ گهرجن، ملڪ جي سمورن مسئلن جو حل رڳو عام چونڊون ئي آهن، مسلم ليگ ن ۽ تحريڪ انصاف ماضي مان سبق حاصل نه ڪيو آهي، پيپلز پارٽيءَ کي انتقام جي سياست تي يقين ناهي، سنڌ ۾ ڪو به پ پ جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي.
حيدرآباد ۾ جميعت علماءَ پاڪستان جي اڳواڻ صاحبزاده ابوالخير زبير، پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه ۽ اين اي 220 تي پ پ اميدوار وسيم راجپوت سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته اڄوڪي پريس ڪانفرنس جو مقصد اهو آهي ته جي يو پي جا سمورا اميدوار پ پ جي حق ۾ هٿ کڻي رهيا آهن، پيپلزپارٽي ڪڏهن به سياسي انتقام تي يقين ناهي رکيو.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف پنهنجي مخالفن کي ڳولي ڳولي جيل ۾ وڌو، پي ٽي آءِ جي باني چاهيو سڄي پاڪستان کي جيل ۾ رکن، پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ ٽڪراءَ جي سياست چاهين ٿيون
پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلزپارٽي صحيح سياست ڪري رهي آهي، بلاول ڀٽو زرداري نئين سوچ جي چونڊڻ جو چئي رهيو آهي، مصطفيٰ ڪمال کي جواب ڏيڻ سندس لاءِ تمام آسان آهي، پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي عوام اڳ ئي مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي.
هن چيو ته ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ سبب عوام مهانگائي جو شڪار آهي، پيپلزپارٽي ۾ ڪا به ڌڙابندي ناهي، سڀ هڪ جهنڊي هيٺ آهن، گذريل اليڪشن ۾ وڌيڪ سيٽون کٽيون، مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ڪلين سوئيپ ڪيو.
پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو ته سمورا ماڻهو پ پ جي حمايت ڪندي تاريخي ڪاميابي ڏيندا، پيپلزپارٽي 2018ع کان وڌيڪ حيدرآباد مان سيٽون کٽندي، ڇا پولنگ اسٽيشن کي فڪس ڪرڻ سياسي پارٽي جي ذميواري آهي، ڪنهن کي به پولنگ اسٽيشن بابت شڪايت هجي ته اليڪشن ڪميشن کي شڪايت ڪري.
شرجيل ميمڻ چيو ته اليڪشن ڪميشن جيڪو چاهي تبديلي ڪري 8 فيبروري تي پيپلزپارٽي پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ سيٽون کٽندي.- Advertisement -
