- Advertisement -
مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪي پي وارا پاڻ به تبديلي واري ڄار ۾ ڦاسي ويا ۽ ملڪ کي به ڦاسائي ڇڏيو آهي، ڪي پي وارا الله کان معافي وٺن ۽ واعدو ڪن ته ٻيهر ائين نه ڪندا، هو خيبرپختونخوا ۾ تبديلي آڻيندا.
مينگوره ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته جن کي آزمائي چڪا آهيو انهن کي بار بار آزمائڻ ٺيڪ ناهي، ٻڌايو هتي ڪهڙو نئون موٽروي ۽ بجلي جا منصوبا لڳا، اهي ٽي سئو ڊيم ڪٿي آهن،؟ کيس ڪٿي بلين ٽري منصوبا نظر نه آيا.
هن چيو ته هتان جا ماڻهو هڪ شخص جي ڄار ۾ ڦاسي ويا، جنهن اوهان کي هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ گهر ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، هتي هزارين ماڻهو موجود آهن، 50 لک گهرن مان ڪنهن کي گهر مليو،؟ نئين پاڪستان ۽ تبديلي جي ڳولا ۾ پراڻو پاڪستان به تباهه ڪيو ويو.
نواز شريف چيو ته جذبات سان کيڏي ووٽ حاصل ڪندڙن نه نوڪري ڏني ۽ نه وري ڪو رليف، هن ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ڪئي پر ماڻهو ڪنهن ٻئي شخص جي پويان لڳي ويا، مسلم ليگ ن کي ووٽ ڏنو ويو ته ملڪ جي تقدير تبديل ڪري ڇڏيندا.
هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ مهانگائي آهي، عوام ٻڌائي ته سندن دور سٺو هو يا هي دور بهتر آهي، سندن دور ۾ 5 رپين ۾ ماني ملندي هئي، اڄ 25 رپين ۾ ملي ٿي.
نواز شريف چيو ته هنن عوام سان ڪڏهن به ڪوڙ ناهي ڳالهايو، ن ليگ کي موقعو ڏنو ويو ته ڪي پي جي تقدير تبديل ڪري ڇڏيندا…………….- Advertisement -
