تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

جنهن ڏينهن حمايت ختم ٿي ته حڪومت ڪري پوندي : مولانا فضل الرحمان

- Advertisement -
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جنهن ڏينهن حمايت ختم ٿي ته حڪومت ڪري پوندي، ڳالهين ذريعي سياسي حل تي يقين رکن ٿا، پي ٽي آءِ حڪومت سان ڳالهين کان اڳ مخالف ڌر کي اعتماد ۾ نه ورتو. گوجرانولا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته موجوده حڪومت کي جن آندو اهي ئي هلائي رهيا آهن. هن چيو ته هو سياسي ڪارڪنن آهي، ڳالهين ذريعي سياسي حل تي يقين رکن ٿا، تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهين کان اڳ مخالف ڌر کي اعتماد ۾ نه ورتو. سندس چوڻ هو ته  پي ٽي آءِ جا جيڪي ماڻهو وٽس ايندا آهن انهن جو اهو ئي موقف هوندو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي هدايت تي آيا آهن، جيڪڏهن انهن جو ڪو ماڻهو سندن خلاف ڳالهيون پيو ڪري ته باني کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪي پي ۾ حڪومت جي رٽ ختم ٿي چڪي آهي، اتي هٿياربند ٽولن جو راڄ آهي ۽ بلوچستان جي صورتحال به ڳڻتي جوڳي آهي. هن چيو ته ڪي پي ۾ جيڪي حالتون آهن پنجاب ۾ ان جو ڪنهن کي احساس ناهي، بلوچستان جي صورتحال کي رياستي سطح تي سنجيدگي سان ڏٺو وڃي. سندس چوڻ هو ته پيڪا ايڪٽ تي صحافين سان ڳالهيون ٿيون آهن، سندن ڳالهه ۾ وزن آهي، تڪراري ايڪٽ تي صحافين کان تجويز وٺڻ گهرجي ها. مولانا فضل الرحمان چيو ته دنيا ڄاڻي ٿي ته 15 مهينن تائين اسرائيل ۽ يهودي طاقتن غزا ۽ فلسطين جي مسلمانن تي ظلم ڪيو، جنگ بندي جي معاهدي ۾ فلسطين کي ڪاميابي ملي آهي، فلسطينين جي قرباني ضايع نه ٿيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
13 %
2.3kmh
4 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون