- Advertisement -
فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس جي اڳواڻ اسماعيل هانيه چيو آهي ته جنگ بندي معاهدي لاءِ حماس پنهنجي شرطن تي قائم آهي.
حماس اڳواڻ جو چوڻ آهي ته غزه ۾ مستقل جنگ بندي، اسرائيلي فوج جو شهر مان نڪرڻ، غزه جي سمورن بي گهر فلسطينين جي سندن گهرن ڏانهن واپسي ۽ غزه ۾ انساني امداد جي ضرورتن موجب گهرن کي واپسي ۽ غزه ۾ انساني امداد جون ضرورتن موجب فراهمي سندن مطالبن ۾شامل آهي.
هن چيو ته غزه جو محاصرو ختم ڪري قيدين جي با عزت طريقي سان آزادي جو معاهدو ڪيو وڃي.
خيال رهي ته مصر ۽ قطر جي ٽياڪڙي ۾ غزه ۾ جنگ بندي معاهدي جون ڪوششون جاري آهن، گذريل اڱاري تي اسرائيلي وفد پنهنجيون تجويزون مصري عملدارن حوالي ڪيون هيون.- Advertisement -
