- Advertisement -
جهول ۾ بيواهه عورت جي گهر مان لکين رپين جي چوري ڪندڙ سندس نياڻو نڪتو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري چوري واپس ڪرائي ورتي.
ٻه ڏينهن اڳ بيواهه عورت غلام فاطمه جلالاڻي جي گهر مان 8 تولا سون، هڪ لک 19 هزار رپيا روڪ رقم چوري ٿي وئي.
جهول پوليس ڪارروائي ڪندي چور کي گرفتار ڪري سندس نشاندهي تي چوري ٿيل سون ۽ روڪ رقم هٿ ڪري بيواهه عورت جي حوالي ڪري ڇڏيا.
جوابدار اميد علي جلالاڻي تي سندس سس جي فرياد تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
