پ پ ڪراچي ڊويزن جي اجلاس ۾ ڪارساز سانحي جي ورسي تي حيدرآباد ۾ رٿيل جلسي ۾ ڀرپور شرڪت جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پ پ ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر جي صدارت هيٺ پ پ ڪراچي ڊويزن جي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني ۽ ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ڪارساز سانحي جي ورسي تي حيدرآباد ۾ رٿيل جلسي جي تيارين جو جائزو ورتو ويو ۽ جلسي ۾ ڪراچي مان ڀرپور عوامي شرڪت بابت حڪمت عملي جوڙي ويئي.
ان موقعي تي پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر جو چوڻ هو ته ڪراچي جا جيالا حيدرآباد جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري ڪارساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندا.
هن وڌيڪ چيو ته ڪارساز سانحي جي ورسي تي حيدرآباد ۾ رٿيل جلسو تاريخي هوندو.
