- Advertisement -
جھنڊومري ڀرسان 20 ورهين جي نوجوان جو انب جي وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ ڪيو ويو آهي.
هڪڙا موري اسٽاپ ويجھو نوجوان رائيڌن پٽ ڏيالو ڪولهي جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش ڏسي رهواسين پوليس کي اطلاع ڏنو.
اطلاع تي سلطانه آباد ٿاڻي جي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو آپگهات جو لڳي رهيو آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
وارثن موجب نوجوان دڪان تي موجود هو شڪ آھي ته کيس اغوا بعد قتل ڪيو ويو آھي، ايس ايس پي ٽنڊوالهيار ۽ ڊي آئي جي نوٽس وٺي انصاف فراهم ڪن.- Advertisement -
