- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وڏي وزير سان ڪنهن کي مسئلو آهي ته ساڻس ڳالهائي، واپاري برادري پنهنجون شڪايتون کين ٻڌائي، ٻئي ڪنهن وٽ وڃڻ يا چغلي هڻڻ جي ضرورت ناهي، پاڻي جو مسئلو بنيادي آهي، 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۾ ڪراچيءَ کي اضافي پاڻي ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو پر اهو پورو نه پيو ڪيو وڃي، بجلي بابت وفاق تان اعتماد ختم ٿي چڪو آهي، سنڌ حڪومت پنهنجن منصوبن طرفن وڌي رهي آهي، ان لاءِ کين اسلام آباد کان اجازت وٺڻ جي ضرورت ناهي، هنن بجلي لاءِ پنهنجو انتظام ڪيو آهي، هاڻي هو بجلي پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جي ورڇ به ڪري سگهندا.
ڪراچيءَ ۾ واپاري برادريءَ جي مان مانجهاندي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪنهن کي ڪا شڪايت آهي ته اهو کيس چوي، ڪوشش ڪئي وويندي ته واپارين جا مسئلا حل ڪيا وڃن.
هن چيوته مسئلن جي موجودگيءَ جو اعتراف آهي ۽ قبول ڪن ٿا ته مسئلن حل ٿيڻ گهرجن، وڏي وزير سان ڪنهن کي مسئلو آهي ته ساڻس ڳالهائي. واپاري برادري پنهنجون شڪايتون کين ٻڌائي، ٻئي ڪنهن وٽ وڃڻ يا چغلي هڻڻ جي ضرورت ناهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچيءَ مان واپارين کان ڀتو وصول ڪرڻ وارو سلسلو ختم ٿي ويو، اڄ نه واپارين کان ڀتو ورتو وڃي ٿو نه ئي ڪو موتمار ڌمڪيون ڏي ٿو، جنهن جو سِهرو سنڌ سرڪار ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڏانهن وڃي ٿو.
پ پ چيئرمين چيو ته هن ڪڏهن به ڪنهن واپاريءَ کان چندو ناهي گهريو، سندس نالي يا حڪومت جي نالي ڪو تنگ ڪري ٿو ته ٻڌايو، نالو وٺي ٻڌايو ته ڪهڙي آفيسر يا شخص ڪو مطالبو ڪيو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو سنڌ واحد صوبو آهي، جنهن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ هلي رهي آهي، جنهن جي عالمي سطح تي واکاڻ ڪئي پئي وڃي.
پ پ چيئرمين چيو ته ساڻن صلاح مشوري کانسواءِ اسلام آباد ۾ فيصلا ڪيا وڃن ٿا، اهڙن فيصلن جا نتيجا هو ڀوڳي رهيا آهن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٿرڪول مان سڀ کان پهريان بجلي فيصل آباد کي ڏني، گيس جي مسئلن تي به ڳالهيون هلي رهيون آهن، سندن مطالبو آهي ته کين سستي بجلي ڏني وڃي.
هن چيوته اسلام آباد ۾ وزيراعظم ۽ ڪامورا منهن جي پڪائيءَ سان چون ٿا ته لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، ڪراچيءَ ۾ لوڊشيڊنگ گهٽ آهي پر ٻين شهرن ۾ 12 کان 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، بجلي بابت وفاق تان اعتماد ختم ٿي چڪو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجن منصوبن طرفن وڌي رهي آهي، ان لاءِ کين اسلام آباد کان اجازت وٺڻ جي ضرورت ناهي، هنن بجلي لاءِ پنهنجو انتظام ڪيو آهي، هاڻي هو بجلي پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جي ورڇ به ڪري سگهندا، گرين انرجي جي بجيٽ گهٽ آهي، ايندڙ سال ان کي وڌائڻو پوندو.
پ پ چيئرمين چيو ته پاڻي جو مسئلو بنيادي آهي، 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۾ ڪراچيءَ کي اضافي پاڻي ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو، اها حقيقت آهي ته ڪراچيءَ جو مطالبو پورو نه پيو ڪيو وڃي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي جهڙيءَ ريت تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي، ان جو ضرورتون پوريون ڪرڻ وڏو چئلينج آهي- Advertisement -
