- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري جو حب کي ماڊل ضلعو بڻائڻ لاءِ لسٻيلا ڪئنال جي بحالي جو پراڻو خواب حقيقت بڻجي ويو، مير علي حسن زهري جون ڪوششون ڪامياب ٿي ويون.
حب جي عوام لاءِ خوشخبري، سالن کان دير جو شڪار لسٻيلا ڪينال جي بحالي ۽ ري ماڊلنگ جو منصوبو آخرڪار پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام 2026-27 ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
منصوبي جي منظوري کي ضلعي حب جي زرعي ترقي، پاڻي جي وسيلن جي بهتر استعمال ۽ هارين جي خوشحالي ڏانهن هڪ تاريخي اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي، ان سان گڏ حب شهر کي پيئڻ جي پاڻي جي مسئلن ۾ به نمايان گهٽتائي ايندي.
هناهم منصوبي جي منظوري ۾ صدر پاڪستان جي بلوچستان لاءِ ترجمان ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مير علي حسن زهري جون مسلسل ڪوششون، اثرائتي پيروي ۽ وفاقي سطح تي رابطن اهم ڪردار ادا ڪيو.
انهن ڪوششن سان حب جي هارين ۽ شهرين جو هڪ ڊگهي عرصي وارو مطالبو پورو ٿيڻ وڃي رهيو آهي.
لسٻيلا ڪينال جي بحالي ۽ ري ماڊلنگ کان پوءِ نه صرف آبپاشي نظام ۾ واضح بهتري ايندي پر هزارين ايڪڙ زرعي زمين کي پاڻي فراهم ٿي سگهندو،
ان سان سان زرعي پيداوار وڌندي، مقامي معيشت مضبوط ٿيندي ۽ هارين جا معاشي مسئلا گهٽ ٿيندا، ساڳئي وقت شهري علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ جا مسئلا به گهٽجڻ جي اميد آهي.
عوامي حلقن، هارين، پارٽين ۽ مختلف سماجي ۽ سياسي شخصيتن هن اڳڀرائي جي آجيان ڪندي ان کي حب جي ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي ۽ مير علي حسن زهري جي ڪوششن کي ساراهيو آهي.- Advertisement -
