تازه ترين

سپريم ڪورٽ جي ملازمن جي يوٽيلٽي الائونس ۾ سئو سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، نوٽيفڪيشن جاري

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي ملازمن جي يوٽيلٽي الائونس ۾ سئو سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس پاڪستان سپريم ڪورٽ جي ملازمن جي يوٽيلٽي الائونس ۾ سئو سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب الائونس ۾ واڌ پهرين جولاءِ 2026 کان لاڳو ڪئي ويندي. نوٽيفڪيشن موجب 1 کان 6 گريڊ جي ملازمن جو الائونس 6 هزار مان وڌائي 12 هزار رپيا ڪيو ويو آهي، 7 کان 10 گريڊ جي ملازمن جو الائونس 8 هزار مان وڌائي 16 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب سپريم ڪورٽ جي 11 کان 15 گريڊ جي ملازمن جو الائونس 10 هزار مان وڌائي 20 هزار رپيا ڪيو ويو آهي ۽ 16 هين گريڊ جي آفيسرن جو الائونس 12 هزار رپين مان وڌائي 24 هزار رپيا ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب 17هين گريڊ جي آفيسرن جو يوٽيلٽي الائونس 15 هزار مان وڌائي 30 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو آهي ۽ 18هين گريڊ جي آفيسرن جو الائونس 18 هزار رپين مان وڌائي 36 هزار رپيا ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح 19هين گريڊ جي آفيسرن جو الائونس 21 هزار مان وڌائي 42 هزار رپيا ۽ 20 هين گريڊ جي آفيسرن جو الائونس 24 هزار رپين مان وڌائي 48 هزار رپيا ڪيو ويو آهي. 21هين گريڊ ۽ ان کان مٿي گريڊ رکندڙ آفيسرن جو الائونس 30 هزار رپين مان وڌائي 60 هزار رپيا ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته يوٽيلٽي الائونس ۾ گئس ۽ بجلي جا خرچ شامل آهن ۽ اضافي خرچ مالي سال 2026-2027 جي منظور ٿيل بجيٽ مان پورا ڪيا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.1 ° C
18.1 °
18.1 °
57 %
3.3kmh
35 %
خميس
23 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
28 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون