- Advertisement -
حماس طرفان اسرائيل جي ايٽمي ٿاڪ واري شهر کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي ويڙهاڪ ونگ القسام برگيڊ اسرائيل جي اهم ترين شهر ديمونا کي نشانو بڻايو.
ان حوالي سان عبراني ميڊيا حماس جي حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته حماس ديمونا شهر کي نشانو بڻايو آهي جڏهن ته يهودي فورسز يا اسرائيل جي ايٽمي ٿاڪن جي حوالي سان اڃان تائين ڪنهن به نقصان جي تصديق نه ٿي سگهي آهي.
ٻڌايو وڃي ٿو ته حماس جي حملي دوران شهرين ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پڻ پئجي وئي.- Advertisement -
