تازه ترين

اسرائيل کي فلسطيني شهرين ۽ حماس ۾ فرق ڪرڻ گھرجي : امريڪي قومي سلامتي صلاحڪار

- Advertisement -
امريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار جيڪ سليوان چيو آهي ته اسرائيل کي فلسطيني شهرين ۽ حماس ۾ فرق ڪرڻ گھرجي. هڪ انٽرويو ۾ جيڪ سليوان جو چوڻ هو ته اسرائيلي وزيراعظم اولهه ڪناري جي ماڻهن جي خلاف انتهاپسند يهودي آبادڪارن جو تشدد به روڪرائي. هن چيو ته اسرائيل کي فلسطيني شهرين ۽ حماس ويڙهاڪن ۾ فرق رکڻ گھرجي ۽ غزه جي فوجي آپريشن ۾ شهرين ۽ ويڙهاڪن جو فرق رکڻ لاءِ اسرائيل کي هر ممڪن قدم کڻڻ گھرجن. خيالن رهي ته غزه ۾ اسرائيلي بمباري 23 هين ڏينهن به جاري آهي. فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته غزه ۾ اسرائيلي بمباري سبب شهيدن جو انگ 8 هزار 5 سئو ٿي ويو آهي جن ۾ 3 هزار 324 ٻار شامل آهن جڏهن ته زخمي فلسطينين جو انگ 20 هزار 242 تائين پهچي ويو آهي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
36 %
6.7kmh
1 %
ڇنڇر
27 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون