- Advertisement -
حويلي ڪهوٽا کان راولپنڊي ويندڙ ڪوسٽر کڏ ۾ ڪرڻ سبب 29 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي.
حويلي ڪهوٽا کان راولپنڊي ويندڙ ڪوسٽر پانا پل ويجهو کڏ ۾ ڪري پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ 29 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جابلو علائقو هئڻ سبب پوليس ۽ امدادي ٽيمن کي حادثي واري هنڌ پهچڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيو آهن، جڏهن ته مقامي ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت فوتين جا لاش ۽ زخمي کي ڪوسٽر مان ڪڍي اسپتال پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي زخمي کي بهترين طبي سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي- Advertisement -
